برطانيا سان ڏوهارين جي مٽاسٽا واروڪوبه معاهدو ناهي ٿيو: وفاقي گهرو وزيرشيخ رشيد

اسلام آباد : برطانيا سان ڏوهارين جي مٽاسٽا وارو ڪوبه معاهدو ناهي ٿيل، اسان اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس نه آڻي سگهيا آهيون، کيس الله ئي واپس آڻيندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ڪورونا جي ڪابه پرواهه ناهي، ڀلي استعيفيٰ ڏين، سندن ئي سيٽس تي ننڍيون چونڊون ڪرائينداسين، لکي وٺو پي ڊي ايم هٿان عمران خان ڪيڏانهن به نه ويندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران شيخ رشيد چيو ته آئون نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو آهيان، منهنجو ڪم آهي ته مريم نواز سوڌو ٻين اڳواڻڻ جا نالا احترام سان وٺان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔