پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد :احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ مصروفيت سبب التوا جي استدعا ڪري ڇڏي، جج اعظم خان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ چئي رهي آهي ته روزاني جي بنياد تي ڪيس هلايو، فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته عدالت سان واعدو ڪيان ٿو ته شاهدن روزاني جي بنياد تي آڏي پڇا ڪندس، پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي21ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔