ڀارت جي ڪنٽرول لائين تي هڪ دفعو ٻيهر ڇتي فائرنگ، 45 ساله شهري زخمي

راولپنڊي: ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول(ايل او سي) تي ڇتي فائرنگ سبب هڪ شهري زخمي ٿي پيو.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج چري ڪوٽ سيڪٽر تي فائرنگ ڪئي ۽ سويلين آبادي کي نشانو بنايو. ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب 45 ساله شهري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي  کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هلندڙ سال ڀارت 2800 کان وڌيڪ ڀيرا سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي. جنهن سبب هلندڙ سال ڪيترائي معصوم شهري شهيد جڏهن ته 250 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

ڀارت طرفان معصوم شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بنائڻ مذمت جوڳو عمل آهي ۽ 2003 جي جنگ بندي انتظام جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

پرڏيهي آفيس موجب ڀارت جي ڪارروائي ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي ۽ هو ان حرڪتن سان والاريل ڪشمير جي صورتحال کان دنيا جو ڌيان نٿو هٽائي سگهي.

ڀارت گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ ۽ 2003 جي جنگبندي انتظام جي پاسداري کي يقيني بنائيندي گڏيل قومن، فوجي مبصر مشن کي ايل او سي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔