ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 36 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وار جاري، گذريل  24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 36 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، 2362 نوان ڪيس ظاهر، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 8 هزار 832 ۽ متاثرن جو انگ 4 لک 40 هزار 787 ٿي ويو، اين سي او سي موجب وڌيڪ 2362 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن 24 ڪلاڪن دوران 36 مريض فوت ٿي ويا آهن، شهرين کي احتياط ڪرڻ گهرجي، 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس  جا 31 هزار 830 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 2 هزار 362 جا نتيجا مثبت آيا، هڪ هزار 719 مريض صحتياب به ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔