صدر عارف علوي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام لاءِ آرڊيننس 2020ع جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :حڪومت پاران آرڊيننس  ذريعي قانون سازي ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، صدر عارف علوي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام لاءِ آرڊيننس 2020ع جاري ڪري ڇڏيو آهي، 17 صفحن تي ٻڌل آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي آرڊيننس 2020ع نالي جاري ڪيل هي آرڊيننس سڄي پاڪستان ۾ فوري لاڳو تصور ٿيندو، جنهن آرڊيننس جي روشني ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ٿيندي، جنهن اٿارٽي کي ملڪيتون خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جو اختيار هوندو، اها اٿارٽي پاڪستان اندر توڙي ٻاهر ريجنل ۽ سب آفيسون قائم ڪري سگهندي، اٿارٽي کي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون، ڪائونسلون، قومي توڙي عالمي سطح تي ايسوسيئيشنون ٺاهڻ جو اختيار هوندو، اها اٿارٽي ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ جي پلاننگ، پاليسي ٺاهڻ، انهن تي عملدرآمد ڪرڻ توڙي نگراني ڪرڻ جو اختيار رکندي، ٽيڪنالاجي زونز جي قيام جو نوٽيفڪيشن اٿارٽي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري کانپوءِ جاري ٿيندو، خصوصي ٽيڪنالاجي بورڊز اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جو صدر وزيراعظم هوندو، جڏهن ته لاڳاپيل وفاقي وزير به  ان بورڊ جو ميمبر هوندو، بورڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ۽ وڌ ۾ وڌ 25 اڳوڻو آفيسر ميمبر مقرر ٿي سگهندا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ نجي شعبي مان 5 آزاد ميمبر مقرر ڪرڻ ضروري  هوندا، بورڊ ميمبرن کي ٽن سالن جي مدت لاءِ مقرر ڪري سگهبو، بورڊ جو اجلاس سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور ٿيندو، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس جي صدارت وزيراعظم ڪندو، خصوصي ٽيڪنالاجي بورڊز اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ هوندو، جنهن کي 3 سالن جي مدت لاءِ مقرر ڪري سگهبو، اها مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ٽن سالن لاءِ سندس مقرري ۾ توسيع ڏئي سگهبي، اٿارٽي خصوصي ٽيڪنالاجي بورڊز جي قيام جي منظوري، سيڙپڪاري جي حوالي سان سموريون پاليسيون ٺاهڻ،انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ سان گڏ  وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن سان رابطا ڪرڻ سان گڏ سرمائيڪاري لاءِ به ڪوششون ڪري سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔