مخالف ڌر لاهور ۾ وڳوڙ پيداڪرڻ چاهي ٿي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعوان چيو آهي ته مخالف ڌر لاهور ۾ وڳوڙ پيدار ڪرڻ چاهي ٿي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾کڻڻ نه ڏنو ويندو. اسان مٿان کان ڪنهن جي چوڻ تي ۽ حالتن کي ڏسندي اپوزيشن کي گرفتار نه ٿا ڪريون.لاهور جو امن ڪنهن سياسي ٽولي جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم ڪرپٽ نظام کي ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، ڪورونا وبا دوران راجڪماري ماڻهن جون حياتيون داءُ تي لڳائي رهي آهي، هي پاڪستان ۾ ڪورونا پکيڙي پنهنجي شڪست جو بدلو وٺڻ چاهين ٿا. هو لاڳيتو عمران جي ذات کي هدف بڻائي رهيا آهن، حڪومت پنهنجي ذميوارين کان غافل ناهي، راجڪماري ۽ سندس ٻانهين کي دربدر ٿي به سڪون نه پيو ملي، ڊي جي بٽ کي غيرقانوني هٿيار رکڻ تي گرفتار ڪيو ويو چيو ويو اهو به غلط آهي. ٻئي طرف فياض الحسن چوهان چيو ته ٻن ڏينهن کان پي ڊي ايم استعيفائن تي مونجهارن جو شڪار آهي، نواز شريف، بيگم صفدر اعوان ۽ مولانا فضل الرحمان کي استعيفائن جي تڪڙ آهي ۽ پ پ، ش ليگ ۽ ٻيون پارٽيون نٽائي رهيون آهن. هو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ چاهن ٿا. ريلو ڪٽن ۽ ڦٽيچر ميمبرن جون استعيفائون رڳو سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن، اسپيڪر جي ميز تي نه. پي ڊي ايم عمران خان جي منصوبابندي کي ناڪام نه ٿي بڻائي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔