10هزار ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل ۽ ترقيون نه ڏيڻ تان چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري تعليم کي نوٽيس جاري

ڪراچي :سنڌ هاءِ ڪورٽ، 10هزار ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل ۽ ترقيون نه ڏيڻ تان توهين عدالت جي درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري تعليم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا: ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي معاملو ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جسٽس محمد علي مظهر سرڪاري وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ڪم ڪرڻ نٿا چاهيو، رڳو عدالتن ۾ اچي غلط بياني ڪيو ٿا، عدالت سنڌ ڪابينا ۾ معاملو اٿارڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔