پي ڊي ايم جي استعيفيٰ واري مامري تي اپوزيشن جي وڏين پارٽيز ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي استعيفيٰ واري مامري اپوزيشن جي وڏين پارٽيز ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، لاهور پهتل پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جاتي امراء آمد کان اڳ مريم نواز سان فون تي رابطو،  بلاول ڀٽو زرداري اڄ جاتي امراء ۾ مريم نواز سان ملاقات ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري طرفان بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي مريم نواز سان تعزيت ڪئي ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران لاهور واري جلسي ۽ استعفائن واري مامري تي ڳالهيون ڪيون وينديون، ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز استعفائن واري مامري تي مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔