پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري ، وڌيڪ 50 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، 50 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 3 هزار 47 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 50 ڪورونا مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد ملڪ ۾ فوتين جو مجموعي انگ وڌي 4 لک 32 هزار 327 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3هزار 47 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ملڪ ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 4 لک 32 هزار 327 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس جا 3 لک 79 هزار 92 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔