ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو

اسلام آٻاد: ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو، ايوانِ صدر ۾ تقريب دوران صدر عارف علوي،  وفاقي وزير حفي شيخ کي حلف کڻايو، حفيظ شيخ کي ناڻي کاتي جو قلمدان سونپڻ وارو نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ٿيڻ جا امڪان، صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم عمران خان وڌيڪ ٻن صلاحڪارن عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم آئيني اختيار استعمال ڪندي ڪنهن به اڻ چونڊيل شخص کي 6 مهينن لاءِ وفاقي وزير مقرر ڪري سگهي ٿو، حفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن دوران ٽڪيٽ ملڻ جا به امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔