بلاول ڀٽو زرداري اڄ جاتي امراءَ ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪندو

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ جاتي امراءَ ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪندو، بلاول مريم سان سندس ڏاڏي بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ 13 ڊسمبر واري جلسي سميت سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ٿينديون، لاهور ۾ جلسي جي حوالي سان پي ڊي ايم طرفان اعلانيل لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ نواز ليگ جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل توڙي ٻين معاملن تي ڳالهيون پڻ ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔