پاڪستان ۽ چين پاران گڏيل هوائي فوجي مشقن جي شروعات

ٺٽو: پاڪستان ۽ چين پاران ٺٽو ۾ گڏيل فوجي جنگي مشقن جي شروعات ڪري ڪئي وئي آهي.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل هوائي فوجي جنگي مشقن جي شروعات ڀولاري بيس ٺٽو ۾ ٿي، هن هوائي فوجي جنگي مشقن کي شاهين ايگل جو نالو ڏنو ويو آهي.

پاڪستان ايئرفورس موجب ٻنهي ملڪن جي فضائي فوجي مشق شاهين ايگل نائن جي شروعات هڪ آپريشنل ايئربيس تي ٿي.

مشقن ۾ جنگي پائلٽن، ايئرڊفينس ڪنٽرولر ۽ ٽيڪنيڪي اسٽاف تي مشتمل چيني هوائي پيپلز لبريشن آرمي ايئرفورس(پي ايل اي اي ايف) جي دستي حصو ورتو.

افتتاحي تقريب ۾ هوائي جي ايئروائيس مارشل وقاص احمد سلهري، چين جي ميجر سن هانگ ۽ چين هوائي جي اسٽنٽ چيف آف اسٽاف به شرڪت ڪئي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔