ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 56 ماڻهو فوت، ايڪٽيهه سئو اٺٽيهه ڄڻن ۾ سڃاڻپ

اسلام آباد:ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 56 ماڻهو فوت جڏهن ته 3138 ڪيس سامهون اچي ويا.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائڻ واري ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ ڪورونا 40502 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 3138 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سان 56 ماڻهو فوت ٿي ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 8603 ٿي ويو آهي ۽ ڪل ڪيس 4 لک 29280 تائين وڃي پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 46376 آهي.

ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ 2030 وائرس جا مريض صحتياب ٿيا جنهن کانپوءِ ان جو ڪل انگ 374301 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔