ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڇڏي

واشنگٽن: ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڇڏي. ورلڊ بئنڪ جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي منظوري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي بورڊ ڏني. قرض ٻن مختلف منصوبن لاءِ ڏنو ويو آهي، 20 ڪروڙ ڊالر سنڌ ريزيلينس پراجيڪٽ لاءِ ڏنا ويندا، منصوبي جي رقم ٻوڏ ۽ ڏُڪار تي ضابطي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. ورلڊ بئنڪ چيو آهي ته منصوبي سان قدرتي آفتن جي حوالي سان صحت جي شعبي کي بهتر ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪورونا تي ضابطي ۾ به مدد ملندي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڪراچي سالڊ ويسٽ ايمرجنسي پراجيڪٽ لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر ڏنا ويندا، جنهن سان ڪراچي ۾ ندي نالن جي صفائي جي انتظام کي بهتر ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔