اپوزيشن جِن سان ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿي، اُهي نواز شريف جي بيانيي جي مخالفت ڪن ٿا: شيخ رشيد

لاهور : اپوزيشن جِن سان ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿي، اُهي نواز شريف جي بيانيي جي مخالفت ڪن ٿا، سڀني کي خبر آهي ته عمران سان ڳالهين کان انڪار ڪندڙ ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرن ٿا، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده صورتحال جي بينيفشري نواز ليگ نه هوندي، پيپلزپارٽي تاش جا پتا ڇاتي سان لڳائي کيڏي رهي آهي، آصف زرداري ڇهون بحري ٻيڙو آهي ۽ حالتن مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش پيو ڪري، 13 ڊسمبر کانپوءِ عمران خان لاءِ خوشخبري جا ڏينهن ڏسي رهيو آهيان، مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو، جيڪي چون ٿا آر يا پار ٿيندو، اُهي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن، مريم نواز چاچي ۽ والد کي سياسي طور مارائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔