سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 هزار 375 ماڻهو فوت

ڪراچي : سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 هزار 375 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 لک 48 هزار 433 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، امريڪا ۾وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 120 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 2 لک 95 هزار کان به وڌي ويو آهي . ڀارت ۾ڪورونا وڌيڪ 337 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتين جو انگ هڪ لک 41 هزار 735 ٿي ويو آهي. برازيل ۾وائرس 811 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ هڪ لک 78 هزار 995 ٿي ويو آهي. روس ۾ وائرس سان وڙهندي 559، اٽلي ۾ 499، فرانس ۾ 296 ۽ اسپين ۾186 ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي ويا. مختلف ملڪن ۾ڪورونا سبب ٿيل فوتگين بعد سڄي دنيا ۾ فوتين جو انگ وڌي 15 لک 72 هزار 904 ٿي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ڪورونا جا نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد سڄي دنيا جي ڪورونا متاثرن جو انگ 6 ڪروڙ، 91 لک 17 هزار 791 ٿي ويو آهي. سڄي ۾4 ڪروڙ 78 لک 53 هزار 475 ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔