اسلام آباد : پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پي ڊي ايم جي هر فيصلي تي عمل ٿيندو، اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته استعيفائن بابت فيصلو پ پ جي پارٽي قيادت ڪندي، استعيفائن جي معاملي تي جن اڳواڻن ڳالهه ڪئي، قيادت چيو ته اهي سي سي آءِ ميٽنگ جو انتظار ڪن.