اپوزيشن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي واري اجلاس ۾ اڄ اهم فيصلن جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت جي خلاف مستقبل جي لائحه عمل لاءِ اپوزيشن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ شيڊول طئي ڪيو ويندو.

گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ قومي  ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي استعيفائونٰ پارٽي اڳواڻن کي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ 13 ڊسمبر تي هر صورت ۾ لاهور ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. اپوزيشن جي 11 پارٽين لانگ مارچ جي وقت جو تعين ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب حڪومت مخالف مارچ جنوري ۾ ٿيندو.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ اهي ته 31 ڊسمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پارٽي اڳواڻن کي استعيفيٰ جمع ڪرائيندا. لانگ مارچ جي تاريخ جو فيصلو ايڪٽيهه ڊسمبر تي ئي ڪيو ويندو. مسلم ليگ(ن) جي اسيمبلي ميمبرن پنهنجون استعيفائون مرڪزي قيادت ڏانهن موڪلڻ شروع ڪري ڏنديون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر علي حيدر گيلاني به استعيفيٰ بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

اپوزيشن طرفان استعيفائن جي فيصلن تي رد عمل ڏيندي ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم استعيفيٰ استعيفيٰ کيڏندي پر ڏيندي نه جنهن کي به استعيفيٰ ڏيڻي آهي اهو اسپيڪر وٽ ڇو نٿو وڃي.  ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب به چيو آهي ته اپوزيشن استعيفائون  قيادت ڏانهن موڪليون آهن پر کين استعيفائون ٰ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن موڪلڻ گهرجن.   فواد چوڌري چيو ته فضل الرحمان ۽ مريم نواز جيڪو چاهين ٿا اهو نٿو ٿي سگهي. مسئلو جلسن سان  نه پر سمجهه سان حل ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔