مائونٽ ايورسٽ جي حقيقي اوچائي ڪيتري آهي؟ نئون اعلان

کٽمنڊو : دنيا جي سڀ کان اوچي ترين جبل مائونٽ ايورسٽ جي چوٽي اڳ ۾ لڳايل اندازن کان وڌيڪ نڪتي.
ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري بحث مباحثي کانپوءِ چين ۽ نيپال نيٺ اڱاري ڏينهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ورتو ته ان جبل جي حقيقي اوچائي 29031 فوٽ آهي.
اها ماپ اڳ ۾ لڳايل ۽ تسليم ٿيل نيپالي اندازن کان ڇهاسي سينٽي ميٽر وڌيڪ، جڏهن ته چين جي ٻڌايل اوچائي کان 4 ميٽر وڌيڪ آهي.
کٽمنڊو ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ٻنهي ملڪن جي نمائندن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔