پاڪستاني ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا طرفان قومي ٽيم ۾ واپسي جون ڪوششون تيز

ڪراچي : پاڪستاني ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا طرفان قومي ٽيم ۾ واپسي جون ڪوششون تيز ڪيون ويون ، دانش ڪنيريا پي سي بي جي بحالي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته دانش ڪنيريا پنهنجي غلطين تي معافي وٺي ٿو، کيس ٻين رانديگرن جيان ٽيم ۾ واپسي جي اجازت ڏني وڃي، عدالت پي سي بي کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، راندين واري وفاقي وزارت کان 15 جنوري تائين جواب طلب، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانش ڪنيريا چيو آهي ته پي سي بي منهنجو موقف آءِ سي سي آڏو پيش ڪري، غير ملڪي ليگ ۾ کيڏڻ گهران ٿو، اُن لاءِ منهنجو نالو فائنل به ٿي چڪو آهي، ڪرڪيٽ کانسواءِ مون وٽ روزگار جو ٻيو ڪوبه آپشن نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔