اپوزيشن پارٽيز جي ميمبرز طرفان اسيمبليز تان استعيفائون ڏيڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي : پي ڊي ايم جي قيادت ۾ استعيفائن واري آپشن تي اتفاق بعد نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سوڌو ٻين اپوزيشن پارٽيز جي ميمبرز طرفان اسيمبليز تان استعيفائون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ، پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ جي وڌيڪ چئن ايم پي ايز استعيفائون پارٽي قيادت ڏانهن اُماڻي ڇڏيون، استعيفيٰ ڏيندڙ ليگي ايم پي ايز ۾ ملڪ صهيب، انيزا فاطمه، عظميٰ بخاري ۽ سندس مڙس سميع الله خان شامل آهن، ملير مان چونڊيل پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله ۽ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني استعيفائون پارٽي قيادت وٽ پيش ڪري ڇڏيون. نواز ليگ جي ايم پي اي راحيلا خادم به استعيفيٰ قيادت وٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔