سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آبپاشي کاتي جي زمينن تان ڪمرشل عمارتون 48 ڪلاڪن ۾ ڊاهڻ جو حڪم

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، ڪمرشل عمارتون 48 ڪلاڪن ۾ ڊاهڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ٻڌڻي دوران روينيو ۽ آبپاشي کاتي طرفان اڳڀرائي رپورٽ پيش، عدالت عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته 2 هفتن جي ملهت ڏيڻ باوجود قبضا ڇو نه هٽايا ويا؟ پوليس وارا پنهنجي ذميواري نٿا نڀائين ته اُهي به جيل ويندا، عدالت زمينداري بند ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، اُن کي معافي نه ڪيو ويندو، قبضا ڇڏائڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز کان به مدد ورتي وڃي، ٻڌڻي دوران ٻيلي کاتي طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس بااثر قبضا مافيا سان ٻٽ بڻيل آهي، قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ۾ ڏکائيون پيش اچن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔