اسٽيل ملز جي سي اي او پاران ملازمن جي برطرفي ۽ نجڪاري لاءِ ليبر ڪورٽ ڪراچي سان رابطو

ڪراچي : اسٽيل ملز جي سي اي او50 سيڪڙو کان وڌيڪ ملازمن جي برطرفي ۽ ملز جي نجڪاري لاءِ ليبر ڪورٽ ڪراچي سان رابطو ڪري ورتو، اسٽيل ملز قومي ناڻي تي بار قرار، درخواست ۾ اسٽيل ملز کي خانگائڻ لاءِ اجازت ڏيڻ جي استدعا، درخواست تي ٻڌڻي دوران ليبر ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز جِي پاڪستان لاءِ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت هئي، ڏسڻو پوندو ته هڪ دم وڏي پئماني تي برطرفيون ڪري سگهجن ٿيون يا نه؟ عدالت اسٽيل ملز جي وڪيل کي مطمئن ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ساڍا 4 هزار ملازمن جي برطرفي خلاف درخواست تي فوري ٻڌڻي واري اپيل خارج ڪري ڇڏي، جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسٽيل ملز هلي ئي نٿي ته ملازم اُتي ڇا ڪري رهي رهيا آهن؟ سڄي دنيا ۾ صنعتون بند ٿين پيون ۽ ڊائون سائيزنگ ٿي رهي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔