ڪرونا جي ٻي لهر پي ڊي ايم جي ڪري آهي: شيخ رشيد

ڪراچي: پي ڊي ايم جي اعلان تحت سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ حڪومت خلاف اڄ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ پي ٽي آءِ سرڪار خلاف مظاهرن ۾ جي يو آءِ، پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ٻين اپوزيشن پارٽيز جي ڪارڪنن طرفان شرڪت، پي ڊي ايم اڳواڻ ميان افتخار حسين چيو آهي ته ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف ڪيسز مان حڪومت جي وائڙائپ ظاهر ٿي وئي، اپوزيشن کي جيلن جي ڌمڪين سان ڊيڄاري نٿو سگهجي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم وارن جو نعرو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو ۽ ووٽر کي مرڻ ڏيو، پي ڊي ايم کي وساري ڇڏيو، پي ٽي آءِ حڪومت 5 سال پورا ڪندا، حڪومت جي بهتر ڪارڪردگي سبب ملڪ کي ڪورونا کي منهن ڏنو، مهانگائي ته سڄي دنيا ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔