ڪراچي گيس سلينڊر ڌماڪي سبب ٻارڙو فوت، 6 ڄڻا زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ دعا چوڪ ويجهو 2 ماڙ گهر ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو ٿيو جنهن سبب 6 ڄڻا زخمي ۽ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون امدادي سرگرمين جي لاءِ واقعي واري هنڌ پهتيون. سلينڊر ڌماڪي سبب عمارت جي هڪ حصي کي نقصان پهتو اهي. سلينڊر ڌماڪي کان پوءِ عمارت ۾ باهه لڳي وئي جنهن کي قابو ڪرڻ لاءِ فائر برگيڊ جي گاڏين کي طلب ڪيو ويو.

زخمي ماڻهن کي عباسي شهيد اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته امدادي سرگرميون اڃان به جاري آهن. زخمين مان هڪ عورت، هڪ مرد ۽ هڪ ٻارڙو به شامل آهي. متاثر ماڻهن جي چهري ۽ جسم جي ٻين حصن تي زخم آيا آهن ۽ سمورا ماڻهو سڙي زخمي ٿيا آهن. ريسڪيو اختيارين شروعاتي بيان ۾ چيو آهي ته  ڌماڪو گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي پر وڌيڪ تفصيل امدادي ڪارروايون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ خبر پئجي سگهندا.

متاثر گهر جي پاسي واري گهر مان 5 ڄڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کان گيس ناهي اچي رهي جنهن سبب هر گهر ۾ گيس جو سلينڊر موجود آهي. هوڏانهن فوت ٿي ويل ٻار جي سڃاڻپ 8 ساله ٻارڙي مظهر جي نالي سان ٿي آهي. جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سمورا ماڻهو سڙي زخمي ٿيا آهن ان ڪري عباسي شهيد اسپتال ۾ وڌيڪ علاج ممڪن ناهي سمورن زخمين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔