برطانوي اينڪر سوال ۽ اسحاق ڊار جي جوابن مان ظاهر ٿيو ته سچ اڳيان هٿ پير ٿڌا ٿي وڃن ٿا: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ شبلي فراز چيو آهي ته برطانوي اينڪر سوال ۽ اسحاق ڊار جي جوابن مان ظاهر ٿيو ته سچ اڳيان سندن هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آهن، اُهي پنهنجي ڦرلٽ بچائڻ لاءِ ملڪ کي بدنام ڪرڻ کان به نٿا مُڙن، ملڪي معيشت کي تباهه ڪندڙ جوابدار انٽرويو ڏيڻ لاءِ صحتمند ۽ قانون اڳيان بيمار ٿي ويندو آهي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته برطانوي اينڪر کي ڏنل انٽرويو ۾ اسحاق ڊار وائکو ٿي ويو، پاڻ کي ارسطو سمجهندڙ اسحاق ڊار اينڪر جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو، اسحاق ڊار خلاف ريفرنس ۾ سندس دبئي وارين ملڪيتن جا تفصيل شامل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔