عمران خان کي الٽيميٽم ڏنو آهي، 13 ڏينهن ۾ استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو، حڪمران گجرانوالا کان ملتان تائين پي ڊي ايم جا جلسا روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، ووٽ چور حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي، قومي ناڻو لٽيندڙ حڪمرانن کان حساب وٺڻ جا ڏينهن ويجهو اچي ويا آهن، لاهور وارو جلسو حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔