مسقط جي مريم البلوشي جو گهر پنج سئو ٻلين جي پناهه گاهه بڻيل

عمان: مسقط جي مريم البلوشي جي شهرت هن وقت سموري دنيا ۾ پهچي وئي آهي، هن جو گهر 500 ٻلين جي پناهه گاهه بڻيل آهي.
51 سالن جي مريم هن وقت سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿي چڪي آهي، عمان ۾ موجود سندس گهر ۾ 480 ٻليون ۽ 12 ڪتا آهن، اهي سڀ هن مختلف هنڌن تان جمع ڪيون آهن، جتي هنن جي سار سنڀال لاءِ ڪو به نه هو، 2008 ۾ هن جو پٽ فارس مان هڪ ٻلي کڻي آيو پر جلد هو ان کان لاپرواهه ٿي ويو، 2011 ۾ مريم تي ڊپريشن جا دورا پيا ته هوءَ ان ٻلي سان پنهنجي دل وندارئڻ لڳي، اهڙيءَ طرح هن بي گهر ٻلين کي پاڻ وٽ پناهه ڏيڻ شروع ڪئي، هاڻ ان وٽ 500 جي ويجهو ٻليون ۽ ڪتا موجود آهن.
الله اسان کي زبان، شعور، ۽ وسيلا ڏنا آهن، هي جانور، بک، بيماري ايتري تائين جو خطري جو خطري جي صورت ۾ به هو اسان کي ڪجهه ناهن چوندا، مريم ٻڌايو، هوءَ چوي ٿي ته خليجي ملڪن ۾ جانورن جي تحفظ لاءِ ڪو قانون ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔