سوڊان جو اڳوڻو وزيراعظم ڪورونا وگھي فوت

خرطوم : سوڊان جو اڳوڻو وزيراعظم ڪورونا وائرس وگھي لاڏاڻو ڪري ويو.
سوڊان جو اڳوڻو وزيراعظم 84 ورهين جو صادق المهدي گذريل ٽن هفتن کان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هو ۽ گڏيل عرب امارتن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.
صادق المهدي سوڊان جو آخري چونڊيل جمهوري وزيراعظم هو جنهن کي 1989ع ۾ سوڊان جي اڳوڻي فوجي صدر عمر البشير اقتدار کان ڌار ڪيو هو.
عرب ميڊيا موجب صادق المهدي جي گھرڀاتين گذريل مهيني کيس ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن کي ڪجهه ڏينهن سوڊان ۾ ئي علاج ڏنو ويو پر طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس يو اي اِي منتقل ڪيو ويو.
اڳوڻي وزيراعظم جي جماعت اُمه پارٽي جو چوڻ هو ته صادق المهدي کي جمعي جي ڏينهن مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔