بلاول ڀٽو زرداري کي ڪورونا جي تصديق، پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو، بلاول ٽوئٽ بيان ۾ تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي علامت ظاهر ٿيڻ بعد ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽو آئي آهي، ڪورونا جي تصديق بعد پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو، بلاول چيو ته پ پ جي يوم تاسيس جلسي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندس، ڪارڪن ۽ شهري احتياط ڪن ۽ ماسڪ لازمي استعمال ڪن، ان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪورونا جي تصديق ٿي هئي، جيڪو بدستور قرنطينه ۾ آهي، بلاول هائوس جي سموري عملي جا به ڪورونا ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔