ڪنهن به سياسي اثر رسوخ ۾ اچڻ بنا ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن: نيب چيئرمين

اسلام آباد: نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال نيب هيڊڪوارٽر ۾ اجلاس دوران چيو آهي ته ڪرپشن ڪيس اُڪلائڻ ۽ جاچ کي منقطي انجام تائين پهچائڻ لاءِ نيب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نيب چيئرمين چيو ته ٻن سالن دوران اٽڪل 363 ارب رُپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا ويا، 12 سئو 24 انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، جِن مان 415 انڪوائريز کي مڪمل ڪيو ويو آهي، پنهنجي خطاب ۾ نيب چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جو خاتمو ۽ عوام جو لٽيل ناڻو واپس ڪرائڻ نيب جي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن به سياسي اثر رسوخ ۾ اچڻ بنا ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔