ڪاجو، پستا، بادام، اخروٽ معمولي مهانگا پر نيزن ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

سيءَ ۾ واڌ سان گڏوگڏ خشڪ ميوون جا اگهه به آسمان تي پهچي ويا.
خشڪ ميووي ۾ نيزا 9 هزار پريا في ڪلو تائين پهچي ويا، پستا، بادام، اخروٽ، خشڪ خوباني، کجور، ڪاجو، مڱيرا ۽ خشڪ انجير جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، کائڻ وارين شين سان گڏوگڏ خشڪ ميووي جي اگهن ۾ من پسند واڌ عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
مارڪيٽ جي انگن اکرن موجب نيزا 9 هزار رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن، ڪچا نيزا 5 هزار رپين ۾ في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، اعليٰ ڪوالٽي جا پستا 2 هزار رپيا جڏهن ته وچولي ڪوالٽي جا پستا 1600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، ڪاجو جي قيمت 2200 کان وڌي 2600 رپيا في ڪلو ٿي چڪي آهي، ڪاغذي بادام جي قيمت 750 رپيا في ڪلو کان وڌي 1000 رپيا في ڪلو ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪاغذي اخروٽ 400 رپين کان وڌي 800 رپيا في ڪلو تي پهچي ويا.
خشڪ انجير جي قيمت ۾ 300 رپيا ڪلو واڌ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ انجير 650 رپيا في ڪلو ٿي چڪي آهي، خشڪ خوباني جي قيمت 400 رپين کان وڌائي 8 سئو رپيا ڪلو ڪئي وئي آهي، 220 رپيا في ڪلو ملندڙ کجور جي قيمت ۾ 500 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، 50 رپيا پاءُ ملندڙ مڱيرا به 150 رپين ۾ هڪ پاءُ وڪري ٿي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔