قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ رواني

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ رواني ٿي وئي.
قومي اسڪواڊ لاهور کان پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام سان دبئي رستي نيوزيلينڊ روانو ٿيو ۽ قومي ڪرڪيٽر نيوزيلينڊ جي لنڪن يونيورسٽي ۾ 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهندا.
نيوزيلينڊ روانو ٿيندڙ 54 رڪني اسڪواڊ ۾ پاڪستان ٽيم ۽ پاڪستان شاهينز جا 34 رانديگر ۽ 20 آفيشلز شامل آهن.
نيوزيلينڊ پهچڻ کانپوءِ پهرين 3 ڏينهن اسڪواڊ مڪمل طور اڪيلو رهندو، ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ کانپوءِ رانديگرن کي گروپن ۾ ورهايو ويندو ۽ گروپن ۾ ئي ٽريننگ سميت ٻيون سرگرميون جاري رکي سگهندا.
قرنطينه دوران 3 ڪووڊ 19 ٽيسٽون ٿينديون، جڏهن ته 14 ڏينهن کانپوءِ اسڪواڊ کي آزادي سان گهمڻ ڦرڻ جي اجازت هوندي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ٽيسٽ ميچون کيڏندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 18 ڊسمبر تي آڪلينڊ، ٻي 20 ڊسمبر تي هيملٽن، جڏهن ته آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 ڊسمبر تي نيپيئر ۾ ٿيندي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر کان مائونٽ مائونگنائي ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔