دنيا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 13 لک 64 هزار کان وڌي ويو

ڪراچي : دنيا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 13 لک 64 هزار کان وڌي ويو، 5 ڪروڙ 72 لک کان وڌيڪ متاثر، برطانيا ۾ اڄ وڌيڪ 501 ماڻهو ڪورونا سبب فوت، 22 هزار 915 نوان ڪيس ظاهر، امريڪا ۾  24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 200 ماڻهو فوت، 12 لک کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچي ويا، اٽلي ۾ 650 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 36 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ، يورپي يونين چيو آهي ته يورپي ميڊيسن ايجنسي ايندڙ مهيني جي آخر تائين 2 ڪورونا ويڪسينز مارڪيٽ ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔