پي ڊي ايم جو 22 نومبر تي پشاور ۾ جلسو ٿيندو يا نه؟ حڪومت ۽ اپوزيشن جماعتون آمهون سامهون

اسلام آباد : پي ڊي ايم جو 22 نومبر تي پشاور ۾ جلسو ٿيندو يا نه؟، حڪومت ۽ اپوزيشن جماعتون آمهون سامهون اچي ويون ، حڪومت جلسو روڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پي ڊي ايم کي پشاور ۾ جلسي کان روڪڻ لاءِ قومي اسيمبلي جَي اسپيڪر کي پارليامينٽ جِي ڪورونا ڪميٽي  جو اجلاس سڏائڻ جِي گذارش ڪئي آهي، پي ڊي ايم اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت پي ڊي ايم جي جلسن کان ڊنل آهي، تنهنڪري ڪورونا ۽ دهشتگردي جو جواز ڄاڻائي پشاور جلسو روڪرائڻ لاءِ جتن ڪري پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔