مخالف ڌرعوام دشمن قدم کڻڻ کان پاسو ڪري: شبلي فراز

اسلام آباد :عدالتي فيصلو اچي چڪو آهي، اپوزيشن هوش مان ڪم وٺي ۽ عوام دشمن قدم کڻڻ کان پاسو ڪري، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  شبلي فراز پاران پي ڊي ايم 22 نومبر تي پشاور ۾ رٿيل جلسي بابت ٽوئٽ ڪيو ويو، شبلي فراز چيو ته خدا نه ڪري جيڪڏهن قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ته ذميوار پي ڊي ايم ۽ جلسي جي انتظاميا هوندي: پي ڊي ايم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 22 نومبر تي پشاور ۾ رٿيل جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، حڪومت پي ڊي ايم جي جلسن کان ڊنل آهي، تنهنڪري ڪورونا ۽ دهشتگردي جو جواز ڄاڻائي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔