افغان جنگ ۾ آسٽريليا جي فوجين شهرين کي غيرقانوني قتل ڪيو: شاهديون سامهون اچي ويون

سڊني: افغانستان ۾ جنگ دوران بي گناهه شهرين کي قتل ڪندڙ آسٽريلوي فوجين خلاف جنگي ڏوهن جي الزامن تي جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.آسٽريلين ڊفينس فورس افغانستان ۾ جنگ جي دوران آسٽريلين فوجين جي هٿان افغان شهرين جي غيرقانوني مارجي وڃڻ جي الزامن جي جاچ تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪئي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغانستان ۾ 39 شهرين کي قتل ۾ 19 آسٽريلين فوجين جي ملوث هجڻ جا ثبوت سامهون آيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسپيشل آسٽريلين فورسز افغان جنگ جي دوران غيرقانوني طور تي 39 ڄڻن کي قتل ڪيو. ان اڳوڻن يا موجوده آسٽريلين فوجين مختلف ڏوهه ڪيا يا ان جا ڀائيوار بڻيا.ان رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڪيترائي الزام اسپيشل ايئر سروس ايليٽ يونٽ جي آسٽريلين فوجين بابت آهن. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب قتل جا واقعا 2009 کان 2013 جي وچ ۾ ٿيا هئا. 4 سالن جي جاچ ۾ 57 واقعن جو جائزو ۽ 400 کان وڌيڪ گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. ميجر جنرل ليول جي آفيسر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته جونيئر فوجين کي پنهنجي پهرين قتل جي لاءِ قيدين کي مارڻ جو حڪم ڏنو ويو.قتل جو ڏوهه لڪائڻ جي لاءِ افغان شهرين جي ڀرپاسي ۾ هٿيار ۽ ٻيا اوزار لڳايا ويا هئا. آسٽريلين ڊفينس فورس جي سربراهه جنرل اينگس ڪيمپ بيل جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪنهن به واقعي ۾ اها ڳالهه سامهون ناهي آئي ته قتلن کي جنگ جو سبب قرار ڏئي سگهجي. هن جو چوڻ هو ته رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 19 حاضر سروس ۽ اڳوڻن آسٽريلين اهلڪارن جي خلاف جاچ ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔