برطانيا به افغانستان ۾ پنهنجا فوجي گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لنڊن :آمريڪا کانپوءِ برطانيا به افغانستان ۾ مقرر پنهنجي فوجين جو انگ گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
برطانيا جي بچاءَ واري وزير واليس خميس ڏينهن اهڙو اعلان ڪندي چيو ته ملڪي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪا سان سهڪار جاري رهندو.
هن چيو ته هن وقت نه آمريڪا سمورا دستا واپس گهرائي رهيو آهي ۽ نه برطانيا ائين ڪندو پر دستن جو انگ گهٽايو ضرور ويندو.
واشنگٽن انتظاميا اربع ڏينهن اعلان ڪيو هو ته جنوري تائين عراق ۽ افغانستان ۾ مقرر آمريڪي فوجين جو انگ اڍائي اڍائي هزار گهٽ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته افغانستان ۾ آمريڪا جا تقريبن ساڍا 4 هزار ۽ عراق ۾ 3 هزار جي لڳ ڀڳ فوجي مقرر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔