دهشتگردي ٽوڙعدالت حافظ سعيد کي فنڊنگ ڪيس ۾ 10 سال 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

لاهور: دهشتگردي ٽوڙعدالت حافظ سعيد کي فنڊنگ ڪيس ۾ 10 سال 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پابندي مڙهيل تنظيم الدعوا جي سربراهه حافظ سعيد ۽ ان جي ساٿين خلاف فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت حافظ سعيد کي 10 سال 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته سندس پوري ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت حافظ سعيد جي ساٿين ظفر اقبال ۽ يحيٰ عزيز کي به 10 سال 6 مهينا قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

ان کان سواءِ عدالت حافظ سعيد جي هڪ ٻئي ساٿي عبدالرحمان مڪي کي به 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔