آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جي ڪري 15 ڏينهن جي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان

ميرپور: آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جي ڪري 15 ڏينهن جي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي .

آزاد ڪشمير جي مڙني ضلعن ۾ 15 ڏينهن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيوويو آهي .

جاري نوٽيفڪيشن موجب آزاد ڪشمير جي مڙني ضلعن ۾ هڪ ئي وقت لاڪ ڊائون هوندو، رڳو لازمي خدمتن وارا شعبا ايس او پيز هيٺ پنهنجون سرگرميون جاري رکندا .

سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو حاضري رکي ويندي ، سڀئي ڪاروباري مرڪز ،بازارون ، سرڪاري توڙي نيم سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا به بند رهندا .

انٽري پوائنٽس تي سخت اسڪريننگ جو عمل ٿيندو، مذهبي ميڙ۽ جنازي نمازون مڪمل ايس او پيز هيٺ ادا ڪيون وينديون ، شادي جي تقريبن تي مڪمل طور تي پابندي هوندي.

شیئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔