ڏکڻ وزيرستان: دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ، 2 فوجي جوان شهيد، هڪ زخمي

پشاور: ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن طرفان سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 2 جوان شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزرستان ۾ پش زيارت ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سيڪيورٽي فورس جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيندڙن ۾ 32 ساله حوالدار مطلوب عالم ۽ 25 ساله سلمان شوڪت شامل آهي. جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ جوان زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب حملي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔