وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو .

وزيراعظم عمران خان نورخان ائير بيس تان خاص جهاز وسيلي ڪابل روانو ٿيو هو .

ذريعن موجب وزيراعظم افغانستان جي دوري ۾ افغان عمل ، ٻه طرفا لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ، وزيراعظم اهو دورو افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪري رهيو آهي .

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت ٻيا عملدار وزيراعظم عمران خان سان گڏ افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهتا آهن .

وزيراعظم عمران خان صدر اشرف غني سان ڪابل ۾ ون آن ون ملاقات ڪندو ، وزيراعظم پاڪستان ۽ افغان صدر سطح جي وفدن سان به ملاقات ڪندو.

وزيراعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔