احتساب عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بڪتر بند گاڏي ۾ پيش ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور: :لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز کي بڪتر بند گاڏي ۾ پيش ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت ٻنهي(ن) ليگي اڳواڻن کي بليٽ پروف گاڏي ڏيڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو. احتساب عدالت لاهور جي ايڊمن جج جوادالحسن محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.احتساب عدالت جي جج جواادالحسن شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي  گهرو سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي عدالت ۾ پيش ٿيا.

گذريل ٻڌڻي تي عدالت گهرو سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو.درخواست ۾ شهباز شريف طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته چيلهه ۾ تڪليف آهي پر سياسي انتقام جو نشانو بنائيندي بڪتر بند گاڏي ۾ آندو پيو وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو ته گاڏي جي حالت صحيح  ناهي ان سبب چيلهه جي  تڪليف ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. استدعا آهي ته عدالت بڪتر بند گاڏي ۾ آڻڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي. گهرو سيڪريٽري پنجاب به جواب جمع ڪرايو جنهن کي عدالت رد ڪريو ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته گهرو سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي 19 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت پيش ڪن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪوبه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سڀ هڪ ٻئي تي ذميواري وجهي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔