حويليان جهازحادثي جي جاچ 4 سالن کان پوءِ مڪمل، رپورٽ جاري

ڪراچي: حويليان جهاز حادثي جي جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ  رپورٽ جاري ڪئي وئي. حويليان جهاز  حادثو 4 سال اڳ ڊسمبر 2016 ۾ پيش آيو هو جنهن ۾ جنيد جميشيد سميت 47 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

جاري ڪيل رپورٽ موجب جهاز جو هڪ انجڻ بند ۽ ٻئي جو بليڊ ڀڄي پيو هو جهاز جي انجڻ جو بليڊ پشاور کان چترال ويندي  ڀڄي پيو هو. جاچ رپورٽ موجب اڏام دوران انجڻ خراب ٿيڻ سبب اي ٽي آر جهاز جي رفتار گهٽ ٿي جڏهن ته جهاز  جي پائلٽ به اڏام کان اڳ ئي انجڻ ۾ خرابي جي ڪابه نشاندهي نه ڪئي هئي. اي ٽي آر جهاز جي آخري ڀيرو مرمت ڪينيڊا ۾ ٿي هئي.

ياد رهي ته ان کان اڳ حويليان حادثي جي جاچ رپورٽ جنوري 2019 تي جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ٽيڪنيڪي خرابين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي.

واضح رهي ته قومي ايئر لائين جي جهاز پي ڪي 661  ست ڊسمبر 2016 تي چترال کان اسلام آباد جي لاءِ اڏام ڀري ته مسافرن سان گڏ مشهور نعت خوان ۽ مبلغ جنيد  جمشيد ۽ ان جي گهر واري به موجود هئي. جهاز پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي ايبٽ آباد جي ويجهو حويليان واري هنڌ تي حادثي جو شڪار ٿي ويو هو جنهن ۾ 47 مسافر فوت ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔