ڪراچي ۾ 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بند ڪراچي سرڪلر ريلوي جزوي طور بحال

ڪراچي: ڪراچي ۾ 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بند ڪراچي سرڪلر ريلوي ( ڪي سي آر) جزوي طور تي بحال ڪئي وئي ، ريلوي واري وفاقي وزيرشيخ رشيد ان جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد سڀاڻي 20 نومبر تي ڪي سي آر ۾ مفت سفرجو اعلان ڪيو ۽ منصوبي بابت ڳالهيون ڪيون .

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ڪي سي آر جو 50 رپيا ڪرايو ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو پر مان ان کي 30 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو جڏهن ته مزدور ۽ محنت ڪندڙ ماڻهو جيڪي پاس ٺهرائڻ چاهين اهي 750 رپيا ماهوار جي پاس ٺهرائي سگهن ٿا .

ان سان گڏ سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن ايف ڊبليو کي ٺيڪا ڏنا آهن جڏهن ته انهن ٽريڪ جو سڄو سامان ڪراچي پهچائي ڇڏيو آهي ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ 14 ڪلوميٽر جو وڌيڪ افتتاح ڪيو ويندو ۽ ان عرصي ۾ اسان 12 ڦاٽڪ به لڳائي وينداسين .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔