آمنا الياس انٽرنيٽ ۽ لباس سبب ريپ جي واقعن ۾ واڌ جو تاثر رد ڪري ڇڏيو

لاهور: من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس چيو آهي ته ضروري ناهي ٽي وي يا موبائل تي ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ مرد ريپ ڪري، جڏهن اهڙيون سهولتون نه هيون تڏهن به ريپ ٿيندا هئا.
تازي انٽرويو ۾ آمنا الياس ان تاثر کي رد ڪيو ته اداڪارائن جي اڌ اگهاڙي لباس يا بولڊ انداز سبب ريپ جا واقعا وڌي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ريپ ڪندڙ مرد ذهني طور بيمار هوندا آهن، ضروري ناهي ته اهي ٽي وي يا موبائل فون تي ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ ريپ ڪندا هجن.
اداڪارا چيو ته گهڻي ڀاڱي ماڻهو مون سميت ٻين اداڪارائن جي سوشل ميڊيا پوسٽن تي ڪمينٽ ڪندا آهن ته اهي ملڪ ۾ فحاشي پکيڙڻ سميت ماڻهن کي ريپ تي اُڪسائي رهيون آهن، اهڙي ردعمل کانپوءِ مان سوچيندي آهيان ته اداڪارائون ڪيئن فحاشي پکيڙي رهيون آهن؟ پوءِ خيال ايندو آهي ته شايد جينز، ٽي شرٽ، اسڪرٽ، ساڙي ۽ ٻيا اڌ اگهاڙا لباس پائڻ سبب پر منهنجي ذهن ۾ اهو سوال به گردش ڪندو آهي ته ڇا عورتن جو اهڙو لباس ماڻهن کي ريپ تي اڪسائيندو آهي؟
آمنا الياس موجب پاڪستاني عوام جاهل آهي ۽ اهو نٿو سمجهي ته ريپ ڪندڙ ذهني طور بيمار هوندو آهي، لازمي ناهي ته جوابدار ٽي وي يا موبائل تي ڪجهه ڏسي ان ڏوهه لاءِ تيار ٿئي.
هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪو دور انٽرنيٽ جو آهي، پاڪستاني اداڪارائن کي گهر ويهارجي ته به ماڻهو بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ مواد ڏسندا، جڏهن ته ريپ ان وقت به ٿيندو هو، جڏهن ٽي وي نه هوندي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔