ٽوئيٽر ۾ انسٽاگرام اسٽوريز جهڙو فيچر متعارف

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جيڪو اسنيپ چيٽ ۽ انسٽاگرام اسٽوريز سان ملندڙ جلندڙ آهي.
ان فيچر کي فِليٽس جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو ٽيڪسٽ، فوٽوز، ويڊيوز کي 24 ڪلاڪن کان غائب ڪري ڇڏي ٿو.
يعني انسٽاگرام اسٽوريجز جهڙو جيڪو پاڻ اسنيپ چيٽ اسٽوريز جي نقل آهي.
اصل ۾ ٽوئيٽ ان فيچر کي اختيار ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳائي ڇڏيو آهي جيڪو حيران ڪندڙ آهي ڇو ته فيس هڪ جي سمورين ايپس ۾ ان کي پهرين ئي پيش ڪيو ويو آهي.
ڪمپني جي موجب ان فيچر کي 19 نومبر کان سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ ڪجهه هفتا لڳي سگهن ٿا.
هي فيچر ٽوئيٽر جي آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ صارفن کي ايندڙ هفتن ۾ موجود هوندو.
ٽوئيٽر طرفان ان فيچر جي آزمائش مارچ 2020 ۾ برازيل، اٽلي، ڀارت ۽ ڏکڻ ڪوريا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ شروع ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔