نيب احسن اقبال خلاف ڪرپشن ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: قومي احساب بيورو(نيب) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال جي خلاف ڪرپشن ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ نارووال اسپورٽس سٽي جو اسڪوپ 3 ڪروڙ کان وڌائي 3 ارب روپين تائين ڪرڻ جو الزام آهي.

ريفرنس جي متن موجب احسن اقبال نارو وال اسپورٽس سٽي منصوبي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ وفاقي حڪومت جا فنڊ صوبائي منصوبي ۾ خرچ ڪيا.

نيب موجب احسن اقبال تي الزام آهي ته هن 3 ارب روپين جو منصوبو نارووال ۾ شروع ڪيو جنهن جي اصل لاڳت 30 ڪروڙ هئي.

ريفرنس ۾ اڳوڻي ڊي جي اسپورٽس بورڊ احمد نواز گنجيرا به  جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔