ڪراچي جي مقامي عدالت پاران مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف مزار قائد بيحرمتي ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي : ڪراچي جي مقامي عدالت، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف مزار قائد بيحرمتي ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڊيشل مئجسٽريٽ پوليس جي ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ واري رپورٽ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شاهديون ملڻ جي صورت ۾ ڪيس ٻيهر کولي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي مائٽ وقاص، پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي کان اڳ مزار قائد تي حاضري دوران سياسي نعرا هڻڻ ن ليگ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔