سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت سنڌ ۽ سيڪريٽري گهرو وزارت کي بلاول ڀٽو زرداري کي سيڪيورٽي جي انتظامن جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت بلاول ڀٽو زرداري کي ذاتي سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڪارن شيشن واريون گاڏيون استعمال ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت بلاول ڀٽو کي عوامي هنڌن تي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته رپورٽن مان لڳي ٿو ته بلاول ڀٽو جي حياتي کي خطرا آهن ان لاءِ اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿي ڪري سگهجي.

عدالت چيو ته اسان جي نظر ۾ بلاول ڀٽو کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تمام ضروري آهي جنهن کان پوءِ عدالت بلاول ڀٽو کي سيڪيورٽي ڏيڻ بابت درخواست اُڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔